حقوق العباد

حـقـوق الـعـبـاد: اســلام ۾ حقوق العباد کي وڏي اهميت حاصل آهي. حقوق العباد جو مطلب آهي انسانن جا انسانن تي حَقَ. اسلام ۾ حقوق العباد تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. اسلامي عقيدي موجب قيامت جي ڏينهن پڻ گهڻي پڇا ڳاڇا حقوق العباد بابت ٿيندي. والدين، عزيزن قريبن، مسڪينن، مهمانن، مسافرن، پاڙي وارن ۽ پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ حقوق العباد ۾ شامل آهن. حقوق العباد ۾ مجلس جا آداب ، گفتگو جا آداب ۽ ملاقات جا آداب پڻ شامل آهن. قرآن پاڪ ۾ آهي ته: ”مومن پاڻ ۾ڀائر آهن. پوءِ پنهنجي ٻن ڀائرن جي وچ ۾ٺاهه ڪرايو ۽الله کان ڊڄو من توهان تي رحم ٿئي.“ (سورة حجرات- آيت 10). هن آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ عالمگير برادري قرار ڏنو آهي ۽ مسلمانن جي وچ ۾ بي انتها اخوت ۽ رواداري پيدا ڪئي آهي. حقوق العباد بابت حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جون حديثون پڻ ملن ٿيون. اصحابي حرير بن عبدالله بيان ڪري ٿو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم مون کان ٽن ڳالهين تي بيعت ورتي هئي. هڪ هيءَ ته نماز قائم ڪندس. ٻي زڪوات ڏيندو رهندس ۽ ٽين هيءَ ته آئون هر مسلمان جو خير خواهه رهندس. حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمائين ٿا ته، حقوق العباد ادا ڪرڻ خدا آڏو بهترين عمل خير آهي.


لفظ حقوق العبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو